سيد بدرالدين

سيد بدرالدين: سيد بدرالدين بن سيد صدرالدين خطيب جي پيڙهي امام علي نقيءَ سان ملي ٿي. مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکيو آهي ته هـو بـزرگـيءَ ۽ عـمـديـن صـفـتـن سـان سينگاريل هو. يقين، معرفت ۽ ديني حقيقتن ۾ پنهنجي زماني ۾ نمايان رهي چڪو آهي. سيد بدرالدين جو اولاد خاندان جي سرواڻي ۽ حسب نسب جي وڏائيءَ ۾ روهڙي شهر ۾ وڏي اهميت رکندڙ هو. ساڳئي ڪتاب ۾ ’اچ‘ جي ذڪر ۾ سيد جلال بخاري عرف ’جلال سرخ‘ جي بيان ۾ آيو آهي ته سيد بدرالدين هڪ نياڻي جلال سرخ بخاريءَ کي نڪاح ۾ ڏني هئي. ان جي وفات کانپوءِ سيد بدرالدين ٻي نياڻي به سيد جلال سرخ کي ڏني سيد جلال بخاريءَ کي چار پٽ: سيد علي، سيد جعفر، سيد محمد غوث ۽ سيد احمد ڪبير ٿيا. سيد احمد ڪبير کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ مخدوم سيد جلال جهانيان عرف جهانيان جهان گشت ۽ ٻيو سيد راجو قتال ٻنهي جو شمار وڏن ولين ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر محمد ايوب قادريءَ، اردو زبان ۾ ’مخدوم جهانيان جهان گشت‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سيد بدر الدين جي باري ۾ لکيو ويو آهي ته، هو روهڙي شهر جو رئيس هو. سيد جلال، بخارا کان ملتان آيو. ان بعد هو بکر پهتو، جتي سيد بدر الدين جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. ان وقت سيد جلال سان ٻه پٽ: علي ۽ جعفر به گڏ هئا. خانداني جهيڙن جي ڪري سندس ٻئي پٽ واپس بخارا هليا ويا ۽ وري ڪڏهن به ننڍي کنڊ طرف نه موٽيا. قادري صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته، سيد احمد ڪبير پڻ سيد جلال بخاريءَ جو پٽ هو. احمد ڪبير کي ٻه پٽ: مخدوم سيد راجو قتال ۽ مخدوم جلال بخاري (جهانيان جهان گشت) ٿيا. ٻنهي بزرگيءَ ۽ عظمت ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. البت سيد جلال الدين، جيڪو بخارا کان سنڌ آيو هو، ان جي چوٿين پٽ سيد محمد جو ذڪر نه ٿو ڪري. ان ماجرا ۾ پَڪ سان چوڻ ته بخارا کان پهتل سيد جلال الدين بزرگ کي ڪيترا پٽ هئا ۽ اهي ڪهڙي ماءُ جو اولاد هئا، مشڪل ڪم آهي.


لفظ سيد بدرالدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو